Posts

Showing posts from January, 2021

Pak25 news

 نئين سال جي آمد گولين،شرابن ۽ ڪبابن سان ڪرڻ بجاء  رب جي ڪلام سان ڪيو ۽ رب کي روئي ريجهايو۔ زندگي تمام مختصر آهي  بيشڪ مولا غفور ۽ رحيم آهي۔ ۽ اهي پيسا  جيڪي اوهان ڪنهن جائز مقصد ۾ خرچ ڪري ڪنهن غريب جي مدد ڪريو ان ۾ الله راضي ٿيندو

Pak 25 news

 گزريل  رات12 بجي ۔۔۔کان وٺي  جڏهن گهڙيال پنهنجو گهنڊ وڄائيندو  ان وقت  اميرزادا  وزيرادا  شهزادا  ڀوتارن جا لاڏلا هوٽلن  ڪيسينن  ڪلبن  ۾ شراب کي پاڻي جيان ڦوهارا ڪري نئين سال کي بليڪار چوندا  ڪجه ٽرڙا  وري روڊن تي ون ويلنگ ڪندا  لکين روپيه عياشن تي خرچ ڪندا  پر انهن  کي اهو به ياد ڪرڻ گهرجي  ته ٻهراڙي جي ڪکائين گهر م ٻڌڙي امڙ  پنهنجي بکايل ٻچڙي کي سيني سان لائي چوندي هوندي  ۔ اي منهنجا گهوٽ پٽ اڄ سمهي پئو  سڀاڻي تولاء مان مٺايون وٺي ايندس  ٿر جي بيمار ماء  پنهنجي گهٽ خوراڪ واري بيمار ٻچڙي  کي ڏک ء بک مان هي لوري ٻڌائيندي  گهور وڃان توتان گهور  منهنجو مور مانجهي الله  سر گهوريندو سنڌ تان  لال هندوري لوڏيان  پائي پٽن جي ڏور  منهنجو مور مانجهي الا  سر گهوريندو سنڌ تان  باقي ڪجه ٺڳڙو  شوباز  ۽ اوباش  نوجوان 1 جنوري جو استقبال دعا سان  نه پر شراب  ۽ شباب جي محفل سان ڪندا  اهو ئي سبب آهي________  جو سنڌ صدين کان لوڙهي پئي 2020 جي سال م حڪمرانن ڪهڙا ڪم ڪيا________  جو وري نئين سال م کير جون نديون وهائيندا ۔ بابا وڃي رليون پسائي الله کي ياد ڪري سمهي پئو ۔  جن جي پهرين پٺيان________  تن جيڪي ڪ